حافظ مولوي عبدالحميد ڀٽي

حافظ مولوي عبدالحميد ڀٽي

حافظ مولوي عبدالحميد ڀٽي

حافظ مولوي عبدالحميد ڀٽي: حافظ مولوي عبدالحميد ولد جان محمد ڀٽي، سنڌ جي تاريخي شهر اروڙ، سکر ۾ 1951ع ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم اروڙ مان ۽ ديني تعليم ٺيڙهيءَ (ضلعي خيرپور) مان حاصل ڪئي. هن سڄي عمر دين جي خدمت ڪندي گذاري. مولوي صاحب علمي ۽ ادبي ذوق رکڻ وارو ماڻهو هو. هن ٽي ڪتاب لکيا جن ۾: (1) تحفـة الفقيه (7 جلد)، (2) خـوني لـڙڪ جا ڳوڙها (هن ڪتاب تي انگريزن بندش وڌي ۽ پريس تي ڇاپو هڻي سمورا ڇپيل ڪتاب ضبط ڪيا) ۽ (3) مروت السنته (حديثن جو ڪتاب) شامل آهن.
مولوي عبدالحميد 1950ع ڌاري شمس آباد پاڙي سکر ۾ هڪ پرائمري اسڪول جو بنياد وڌو ۽ ان جي عمارت ٺهرائي سنڌ سرڪار جي حوالي ڪئي ته جيئن ٻار علم جي زيور سان آراسته ٿي سگھن. ان کانسواءِ انوري مسجد جاگيراڻي محلي سکر جي توسيع جو ڪم پڻ ڪرايائين. اروڙ ۾ مولوي صاحب جي ڏاڏي حافظ محمد عارف ڀٽيءَ جي درگاهه ۽ مدرسو قائم آهي. هن وقت به اتي ڪيترا شاگرد ديني تعليم پرائي رهيا آهن. هن کي پنج پٽ ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو. سندس وڏو پٽ سنڌ جو ناميارو محقق، ڪهاڻيڪار، نقاد، صحافي ۽ دانشور رشيد ڀٽي (مرحوم) هو.
مولوي صاحب 9 مئي 1975ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه نئين ڳوٺ قبرستان، سکر ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.05.09  عيسوي

حافظ مولوي عبدالحميد ڀٽي 9 مئي 1975ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه نئين ڳوٺ قبرستان، سکر ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دادو شاهه
خليفو محمد خان جمالي
ديوان پرڀداس آڏواڻي
سيد غلام حيدر شاهه 2
سر اليگزينڊر فليمنگ
چنا محمد منير
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
راڻي لاڏي
عبدالغفار صابري
چوچڪ بيگم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون